ڊبليو ايڇ او ڪانگو ۾ ايبولا وبا کي عالمي هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو

c4599950-51db-11f1-89a3-d1f559421220.jpg.webp

عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) ڪانگو جي جمهوريه ۾ ڦهليل ايبولا وائرس جي وبا کي عالمي صحت بابت هنگامي صورتحال قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔

اداري موجب اوڀر واري اِتوري صوبي ۾ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 246 شڪي ڪيس ۽ 80 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جڏهن ته هن وبا کي اڃا تائين عالمي وبا (پينڊيمڪ) جي درجي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو۔

ڊبليو ايڇ او خبردار ڪيو آهي ته هي وبا موجوده انگن کان وڌيڪ وڏي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ مقامي توڙي علائقائي سطح تي تيزي سان پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي۔

صحت اداري موجب موجوده ايبولا وائرس “بُنڊي بُگيو” قسم جو آهي، جنهن لاءِ هينئر تائين ڪا منظور ٿيل ويڪسين يا دوا موجود ناهي۔

ايبولا جون شروعاتي علامتون بخار، جسم ۾ سور، ٿڪاوٽ، مٿي جو سور ۽ ڳلي ۾ تڪليف آهن، جڏهن ته بعد ۾ الٽيون، دست، چمڙي تي ڦٽ ۽ رت وهڻ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون۔

ڊبليو ايڇ او موجب هن وقت وائرس جا اٺ ليبارٽري ذريعي تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي شڪي ڪيسن ۽ فوتگين جون رپورٽون اِتوري صوبي جي ٽن علائقن مان مليون آهن، جن ۾ گاديءَ جو هنڌ بونيا ۽ سون جي کاڻين وارا شهر مونگوالو ۽ روانپارا شامل آهن۔

گاديءَ واري شهر ڪنشاسا ۾ به وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جيڪو اِتوري مان واپس آيل مريض ۾ تصديق ٿيو آهي۔

ڊبليو ايڇ او موجب وائرس هاڻي ڪانگو کان ٻاهر به پکڙجڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ پاڙيسري ملڪ يوگنڊا ۾ به ٻه تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ يوگنڊا جي اختيارين ٻڌايو ته خميس ڏينهن فوت ٿيل 59 ورهين جو هڪ شخص ايبولا وائرس ۾ مبتلا هو۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *

scroll to top