ڪانگو جي جمهوريه ۾ پکڙجندڙ ايبولا وائرس جي وبا بابت عالمي سطح تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي۔
هي وائرس ڪيترن ئي هفتن تائين بغير سڃاڻپ جي پکڙجندو رهيو، جڏهن ته اهو علائقو گهرو ويڙهه ۽ بدامني جو شڪار آهي، جنهن سبب بيماري تي ضابطو آڻڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي۔
ماهرن موجب هن ڀيري ايبولا جو جيڪو قسم سامهون آيو آهي، اهو تمام گهٽ ڏٺو ويندو آهي، تنهن ڪري ان کي روڪڻ لاءِ محدود وسيلا موجود آهن۔ هي وائرس متاثر ٿيندڙ ماڻهن مان لڳ ڀڳ ٽئين حصي کان اڌ تائين ماڻهن جي حياتي وٺي سگهي ٿو۔
هن وقت صورتحال انتهائي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻتہ اڃا تائين واضح ناهي ته وائرس ڪيتري حد تائين پکڙجي چڪو آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 250 شڪي ڪيس ۽ 80 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن۔
عام طور تي ايبولا جون گهڻيون وبائون محدود هونديون آهن، پر ماهر 2014 کان 2016 واري وڏي وبا کي وساري نٿا سگهن، جڏهن اولهه آفريڪا ۾ 28 هزار 600 ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿيا هئا، جيڪا تاريخ جي سڀ کان وڏي ايبولا وبا هئي۔
عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) پاران عالمي صحت بابت هنگامي صورتحال جو اعلان ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته دنيا ڪووڊ جهڙي عالمي وبا جي شروعاتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته پوري دنيا لاءِ ايبولا جو خطرو اڃا به تمام گهٽ آهي۔ 2014-16 واري وڏي وبا دوران به برطانيا ۾ رڳو ٽي ڪيس سامهون آيا هئا، ۽ اهي سڀ صحت جا ورڪر هئا، جيڪي رضاڪاراڻي طور متاثر علائقن ۾ مدد لاءِ ويا هئا۔
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پينڊيمڪ سائنسز انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر امانڊا روجيڪ چيو آهي ته:
“هي اعلان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته صورتحال ايتري پيچيده ٿي چڪي آهي، جو هاڻي عالمي سطح تي گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي.”







