پنڪي ڪيس جي جاچ جاري، سائوٿ زون جا 20 پوليس اهلڪار بدلي

pinki-urf-anmol.jpg

ڪراچي: منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي واري ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ ضلعي جي 20 پوليس اهلڪارن کي زون بدر ڪري ڇڏيو آهي۔

پوليس اختيارين موجب ڊگهي عرصي کان ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي ڪجهه مخصوص ٿاڻن ۾ مقرر 20 اهلڪارن جي غير سماجي سرگرمين ۽ نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث هجڻ جي تصديق ٿي آهي۔

اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي اهلڪار بار بار پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ضلعي سائوٿ جي مخصوص ٿاڻن ۾ مقرري حاصل ڪندا رهيا۔

ياد رهي ته ان کان اڳ پنڪي سان رابطن جي الزام هيٺ سي ٽي ڊي جا ٻه اهلڪار به حراست ۾ ورتا ويا هئا۔

سي ٽي ڊي ذريعن موجب ٻئي اهلڪار پنڪي سان رابطي ۾ رهندا هئا، جڏهن ته حراست ۾ ورتل اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ ڪفيل ۽ سپاهي علي شامل آهن۔

Share this post

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

scroll to top