گوگل پنهنجي مختلف پراڊڪٽس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) سرچ کي شامل ڪري رهيو آهي، ۽ هاڻي يوٽيوب ۾ به “آسڪ يوٽيوب” نالي نئون اي آءِ سرچ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هن فيچر ذريعي صارف سادي سرچ بدران تفصيلي ۽ پيچيده سوال پڇي سگهندا، جنهن جي نتيجي ۾ کين وڊيوز، ٽيڪسٽ ۽ ٻين معلومات تي ٻڌل جامع نتيجا ملندا۔ ان سان گڏ صارف فالو اپ سوال به ڪري سگهندا۔
اصل ۾ هي سرچ فيچر صارف کي وڊيو جي اُن مخصوص حصي تائين وٺي ويندو جيڪو سندس ضرورت مطابق هوندو، جنهن سان پوري وڊيو ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي۔
گوگل جي سالياني ڊولپر ڪانفرنس دوران ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو Sundar Pichai چيو ته “آسڪ يوٽيوب” ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو۔
هي نئون فيچر في الحال آمريڪا ۾ 18 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن يوٽيوب پريميئم صارفن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي۔
گوگل موجب جلد ئي هي فيچر ٻين علائقن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو۔
ڪمپني اڳ ئي سرچ انجڻ ۽ اي آءِ اوور ويوز ۾ سمريز سان گڏ لاڳاپيل وڊيوز جي فهرست فراهم ڪندي رهي آهي، پر “آسڪ يوٽيوب” ۾ وڊيوز کي خاص اهميت ڏني وئي آهي۔ ڪنهن به وڊيو جي مخصوص لمحي تائين رسائي هن فيچر جو سڀ کان اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي۔
هي فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ صارف کي پنهنجي اڪائونٽ ۾ وڃي ان کي پاڻ فعال ڪرڻو پوندو، جنهن کان پوءِ سرچ بار ۾ “آسڪ يوٽيوب” نالي نئون بٽڻ ظاهر ٿيندو۔ ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان مختلف تجويزون سامهون اينديون، جڏهن ته صارف پنهنجي مرضي موجب پرامپٽ به لکي سگهندا۔
مثال طور صارف ڪنهن هنڌ جي روڊ ٽرپ بابت سوال ڪري سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ هو ان سان لاڳاپيل وڌيڪ سوال به پڇي سگهندو، جڏهن ته ڪمپني طرفان سمري سان گڏ وڊيوز جي فهرست پڻ فراهم ڪئي ويندي۔

