پنهنجي مشهور اي ميل سروس Gmail ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي شامل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي۔
گوگل پنهنجي سالياني ڊولپر ڪانفرنس دوران جي ميل لاءِ نئين اي آءِ ان باڪس فيچر جو اعلان ڪيو آهي۔
هاڻي صارف ٽائپنگ ڪرڻ بدران ڳالهائي به جي ميل استعمال ڪري سگهندا۔
ڪمپني موجب جيمنائي تي ٻڌل هن فيچر کي “جي ميل لائيو” نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ان باڪس ۾ موجود سوين اي ميلن مان ضروري ڄاڻ تمام جلدي ڳولي سگهبي۔
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن کي پرواز جا تفصيل ڏسڻا هجن، ڊاڪٽر جي اپائنٽمينٽ جو وقت معلوم ڪرڻو هجي يا ٻي ڪا اهم ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي، ته اهو ڪم هاڻي صرف ڪجهه منٽن ۾ ٿي سگهندو۔
هن وقت تائين صارفن کي سرچ باڪس ۾ وڃي ڪي ورڊ، اي ميل ايڊريس يا ڊومين لکي گهربل معلومات ڳولڻي پوندي آهي۔
ڪمپني جو چوڻ آهي ته جي ميل لائيو صارفن جي آڊيو سوالن جا جواب به ڏيندو، جڏهن ته ان سان گڏ فالو اپ سوال به پڇي سگهبا۔
هي اهڙو فيچر آهي جيڪو گهڻن صارفن کي پسند ايندو، ڇو ته تقريبن هر ماڻهو کي ڪڏهن نه ڪڏهن جي ميل ۾ ڪا معلومات ڳولڻ دوران ڏکيائي پيش ايندي آهي۔
ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو آهي ته اهڙي ٽيڪنالاجي Google Keep لاءِ به متعارف ڪرائي ويندي۔
اهم ڳالهه اها آهي ته جي ميل لائيو اچڻ باوجود روايتي جي ميل سرچ فيچر ختم نه ڪيو ويندو۔

