آءِ ايم ايف جون نيون شرطون، پيٽرول لي وي ۾ 18 سيڪڙو واڌ جي سفارش

434432_8675698_updates.jpg

بجيٽ بابت حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ موجود آءِ ايم ايف مشن پنهنجي دوري ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي۔

ذريعن موجب حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ گهڻن ئي معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪجهه اهم نقطن تي اڃا وڌيڪ ڳالهيون هلي رهيون آهن۔

ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم لي وي جي حدف ۾ 18 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي آهي۔ هن وقت پيٽرول تي في ليٽر 108 رپيا 17 پئسا لي وي لاڳو آهي۔

ايف بي آر لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 15 هزار 264 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو حدف رکيو ويو آهي، جڏهن ته ڊسمبر 2026ع تائين ڇهن مهينن جو حدف 7 هزار 22 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان جون ٻاهرين مالي ضرورتون 21 ڏهائي 2 ارب ڊالر رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔

آءِ ايم ايف پاڪستان کي 430 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي۔ ايندڙ مالي سال ۾ معاشي واڌ جي شرح 3 ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سراسري مهانگائي 8 ڏهائي 4 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔

ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي رقم 14 هزار 500 رپين مان وڌائي 18 هزار رپيا ڪرڻ تي عارضي اتفاق ٿي ويو آهي۔

صوبائي آمدني ايندڙ مالي سال ۾ 1 هزار 950 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ آءِ ايم ايف مشن بجيٽ تجويزن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي، جڏهن ته گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ سال دوران ٻه ڀيرا واڌ ڪرڻ واري شرط برقرار رکي وئي آهي۔

ذريعن موجب اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ نيون ٽيڪس ڇوٽون نه ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خاص اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز کي مليل سهولتون 2035ع تائين مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ سامهون آئي آهي۔

Share this post

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

scroll to top