آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ تازيون فوجي جهڙپون عالمي معيشت تي اثر انداز ٿيڻ لڳيون آهن. جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ ٻيهر تيزي سان اضافو ڏٺو ويو آهي۔
عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت لڳ ڀڳ اڍائي سيڪڙو واڌ سان 96 ڊالر 63 سينٽ في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ ان جي قيمت ۾ 5.31 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي۔
ٻئي طرف ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل جي قيمت به تقريبن ساڳي شرح سان وڌي 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔ ياد رهي ته گذريل اربع تي ان جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي هئي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب عالمي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري سيڙپڪارن ۽ واپارين ۾ بيچيني پکڙجي رهي آهي۔ توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال سبب تيل جي اگهن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔
اقتصادي تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌيڪ مٿي وڃي سگهن ٿيون، جنهن جا اثر پيٽرول، ڊيزل ۽ ٽرانسپورٽ خرچن سميت عالمي معيشت تي به پئجي سگهن ٿا۔

