سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سخت گرمي جي لهر، گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويو

onlineindustvwebsite001.jpg

سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سخت گرمي جي لهر هيٽ ويو برقرار رهيو ۔ موسميات کاتي موجب صوبي ۾ 31 مئي تائين وچولي کان شديد هيٽ ويو واري صورتحال جاري رهي سگهي ٿي۔

موسميات کاتي مطابق سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته موهن جو دڙو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ به گرمي معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔

ان کانسواءِ ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڄامشورو ۾ پڻ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔

سخت گرمي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

ٻئي طرف ڪراچي بابت موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ نمي وارو رهندو، جڏهن ته وقفي وقفي سان تيز هوائون به هلنديون رهنديون۔

موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۾ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن اهو وڌي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو۔ شهر ۾ ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون هلنديون رهنديون۔

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نئين ڇڪتاڻ، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون

IRAN-AMERICA-WAR-NEWS.jpg

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ تازيون فوجي جهڙپون عالمي معيشت تي اثر انداز ٿيڻ لڳيون آهن. جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ ٻيهر تيزي سان اضافو ڏٺو ويو آهي۔

عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت لڳ ڀڳ اڍائي سيڪڙو واڌ سان 96 ڊالر 63 سينٽ في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ ان جي قيمت ۾ 5.31 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي۔

ٻئي طرف ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل جي قيمت به تقريبن ساڳي شرح سان وڌي 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔ ياد رهي ته گذريل اربع تي ان جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي هئي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب عالمي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري سيڙپڪارن ۽ واپارين ۾ بيچيني پکڙجي رهي آهي۔ توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال سبب تيل جي اگهن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔

اقتصادي تجزيه نگارن موجب جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌيڪ مٿي وڃي سگهن ٿيون، جنهن جا اثر پيٽرول، ڊيزل ۽ ٽرانسپورٽ خرچن سميت عالمي معيشت تي به پئجي سگهن ٿا۔

scroll to top